پٽ پيرون

پٽ پيرون: هڪ قسم جي ول آهي، جيڪا باغن ۾ عام جام ملي ٿي. هن جڙي ٻوٽيءَ کي ”ڪانئل پيرون“ به سڏيو ويندو آهي. هي ننڍو ٻوٽو آهي، جيڪو واڱڻ جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. هي هڪ طبي ٻوٽو آهي، جنهن ۾ ڪاري ڦل وارا ٻوٽا زهريلا ٿين ٿا. هي ٻوٽو برصغير ۾ خاص ڪري عام ملي ٿو ۽ برسات جي موسم ۾ اُڀري ٿو. هن جا ڪارا پيرون کائڻ ۾ سوادي ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو